سترامداس ڪولهي پٽيل

سترامداس ڪولهي، پٽيل: ٿر جو مشهور سماج سڌارڪ پٽيل سترامداس ڪولهي، ننگرپارڪر ۾ انگريزن خلاف ويڙهه وڙهندڙ امر روپلي ڪولهيءَ جو پڙپوٽو هو. پاڻ ڳوٺ روپاڻي جو وانڍيو، تعلقي ننگرپارڪر، ضلعي ٿرپارڪر جو رهاڪو هو. پرائمري تعليم ننگرپارڪر شهر جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ان وقت انگريزن خلاف تحريڪ زور ٿي هئي. پاڻ به پنهنجي پڙ ڏاڏي روپلي ڪولهيءَ جي نقش قدم تي هلندي برطانوي سامراج خلاف هلندڙ ‘هندستان خالي ڪريو’ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ آزاديءَ واري جدوجهد جي پاداش ۾ گرفتار ٿي جيل ويو. پاڪستان جي قيام بعد ڪولهي برادريءَ ۾ غربت ۽ جهالت ڏسي انهن جي شعوري جاڳرتا ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ لڳو. 1962ع ۾ ٿر مان لڏي تعلقي کپري جي زميندار ۽ مشهور سماج سڌار ۽ سخي انسان حاجي محمد عثمان مريءَ وٽ ڀٽ ڀائٽيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. رئيس محمد عثمان هن جي عقل ۽ ڏاهپ سبب زمين جي سارسنڀال سان گڏ اتان جي ڪولهين ۽ ڀيلن جي فيصلن جو نگران مقرر ڪيو. هو اتي رهائش دوران پنهنجي برادريءَ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي پڙهائڻ خاطر پاڻ وٽ وٺي آيو ۽ رئيس محمد عثمان جي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين، جتي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ شاگردن کي مفت ۾ ملندي هئي. جڏهن ته شاگردن کي ڪپڙا، ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڪرايو ۽ علاج جون سهوليتون پڻ مفت مليل هونديون هيون. هن ڪولهي برادريءَ ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ‘ڪولهي ايسوسيئيشن’ جو، جولاءِ 1973ع ۾ بنياد وڌو هو. جنهن جي پليٽفارم تان ثقافت جي حوالي سان نبي سر ۾ شاندار پروگرام ڪرايائين، جنهن جي صدارت اديب ۽ دانشور پروفيسر غلام علي الانا ڪئي. هن ‘ڪولهي ايسوسيئيشن’ جي پليٽفارم تي ڪولهين کي گڏ ڪري ٻار پڙهائڻ لاءِ زور ورتو ۽ ايڪي اتحاد جو سبق ڏنو. 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي، سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر معرفت پٽيل سترامداس کي خاص دعوت ڏئي ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪرايو ۽ ساڻس ملاقات ڪري سماجي خدمتن ۽ سندس جذبي تي داد ڏنو. سترامداس ڪولهي، برادريءَ جي پارومل ڪولهي اڳوڻي ايم.اين.اي ۽ ٽيڪم داس ڪولهي اڳوڻي ايم.پي.اي کي اسيمبلين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 82 سالن جي ڄمار ۾ ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو